سانگهڙ (ن س) جکڙائو لڳ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان مڙس پنھجي گھر واري کي ڪوڏر جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو تفصيل موجب جکڙائو لڳ ڳوٺ ڪمالدين شر ۾ مڙس فتع محمد شر پنھجي گھر واري سنگھار شر کي ڪوڏر جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو زخمي عورت ورڪشاپ ٿاڻي تي پنھچي وئي پوليس ليٽر ڏئي کيس سانگهڙ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو مسمات سنگھار شر ميڊيا کي ٻڌايو ته مڙس مونسان بيگناھ وڙھندو آھي اڄ به مونتي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آھي ٻئي طرف پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حملو ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاء ڇاپا ھڻو پيا ۽ کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو هوڏانهن اهڙي واقعي جي ايس ايس پي سانگهڙ نوٽس ورتو ۽ ايس ايڇ او منگلي کي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن تي جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي










