ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس مختلف ڪيسن ۾ مفرور جوابدارن جون موبائل فون سمز بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي ۽ جاچ کاتي جي سمورن پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.بيان موجب اجلاس ۾ زونل ڊي آءِ جيز ۽ سي آءِ اي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس جي سمورن کاتن ڏوهن خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ڪراچي ۾ ڏوهن جي گهٽتائي جو اعتراف شهري پاڻ ڪري رهيا آهن، ان ڪري ڏوهن خلاف پوليس قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت آهي.اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ ضلعي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو عيد الاضحيٰ جي موقعي تي چوپائي مال جي مارڪيٽن، بازارن، شاهراهه ۽ علائقن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار ڪن ۽ پوليس آفيسر اهلڪارن سان گڏ فيلڊ ۾ موجود رهن.آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته سمورا آفيسر روزاني جي بنياد تي ڏوهن جي ڊيٽا فراهم ڪن ۽ فرار ٿيل جوابدارن جي موبائل فون سمن کي بلاڪ ڪيو وڃي.










