گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا، روڊ بلاڪ

گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا، روڊ بلاڪ

ڪراچي (نمائندن وٽان)شهيد نصراللّٰه گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران پريس ڪلب نوشھرو فيروز اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي فريد لاشاري اسد عمراٹی ، رحمان تڳر ڪاشف ميمڻ احسان سيال محمد علي سومرو نعمان تڳر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڀوتار ۽ ظالم حق سچ جي صحافين جو قتل ڪرائي رهيا آھن ڇو جو سندن ذھنيت مظلومن جي آواز کي ٻڌڻ نٿي چاهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ جيڪي به صحافي قتل ٿيا آھن انهن قاتلن جا سرپرست حڪومت ۾ ويٺل ڀوتار آھن ۽ مظلومن جو آواز ٻڌڻ لاءِ قانون چپ آھن. هنن گُهر ڪئي ته شهيد نصراللّٰه جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تي پهچايو وڃي.
ميرپورماٿيلو
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، سنڌ جي مختلف سياسي ، سماجي اڳواڻن سان گڏ قوم پرست ڌرين جا اڳواڻ شهيد نصرالله گڏاڻي جي تڏي تي پهچي سندس وارثن سان عذر خواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , پ پ جي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر، قوم پرست اڳواڻ سيد ذين شاھ , نالي واري شاعر مهر ڊٻائي , ڊاڪٽر نويد مهر، مشتاق سرڪي، شوڪت نوناري، آزاد مهر، پاڪستان ميڊيا ڪونسل سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر هادي بخش جلباڻي، دين محمد لاشاري، محمود خان بوزدار، منظور شيخ، غلام مصطفيٰ مهر، ۽ ٻيا ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پهچي سندس وارثن سان عذر خواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو، جڏهن ته عذرخواهي بعد مختلف سياسي، سماجي اڳواڻ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي مزار تي پڻ گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ قوم پرست اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قاتل اڃان تائين گرفتار ناهن ڪيا، هنن چيو ته اگر 24 ڪلاڪن اندر قاتل گرفتار نه ٿيا ته هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي..صوبائي وزير اينٽي ڪرپشن، زراعت ۽ اسپورٽس سردار محمد بخش خان مهر ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ قبول گڏاڻي پهچي مقتول صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ڳالهائيندي چيو ته نصرﷲ گڏاڻي سچ لکندڙ بيباڪ صحافي هو جنهن جي قتل تي دلي صدمو پهتو، افسوسناڪ واقعي تي مسلسل سنڌ جي گهرو وزير ۽ اطلاعات واري وزير سان رابطي ۾ رهيو آهيان ان سلسلي ۾ پ پ قيادت به نوٽيس ورتو آهي. اسان جو مطالبو اهو ئي آهي جيڪو نصرﷲ جي وارثن ۽ عوام جو آهي ته قاتلن کي جلد از جلد سزا ملڻ گهرجي. هُن وڌيڪ چيو ته وارثن جي مطالبي تحت انصاف ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن وارث اجازت ڏيڻ ته آئون ذاتي طور مقتول صحافي جي ٻارڙن جي انٽر تائين تعليم جو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، سانحو وڏو آهي اسين جيترو ڪجهه ڪريون اهو گهٽ آهي، دعا آهي ته ﷲ پاڪ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي صبر عطا ڪري. آمين.
بدين
شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء خادم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب نندو جي صحافين سول سوسائٽي ۽ سياسي اڳواڻن احتجاج ڪيو انهي موقعي تي صحافي ايوب کٽي ، سماجي اڳواڻ حاجي سونهارو ملاح ، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ حسين درس ،شڪيل جت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڀوتاري نظام جو راج هئڻ سبب حق سچ جي آواز کي دٻايو وڃي ٿو ، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ صحافين کي سچ لکڻ جي صورت ۾ ڪڏهن شهيد جان محمد جو لاش ملي ٿو ته ڪڏهن وري شهيد نصرالله گڏاڻي جو لاش ملي ٿو هنن حڪومت سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل ۽ سهولتڪار گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا جي قيادت ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي هڪ اعلى سطحي وفد ميرپورماٿيلو پهچي ڪري شهيدِ سنڌ نصرالله گڏاڻي جي جنازي نماز ۾ شرڪت کان پوءِ اڄ وارثن سان تعزيت مرحوم جي مغفرت ۽ درجات بلندي جي دعا ڪندي گهر ڪئي ته اصل قاتلن کي گرفتارڪري عبرت ناڪ سزاڏني وڃي.ضلعي گهوٽڪي جوامير مفتي يوسف مزاري،جهانگيرعلي،عبدالرشيد لاشاري توڙي مقامي اڳواڻ وفد ۾ شامل هئا.ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اڄ مظلومن جي آواز نصرالله گڏاڻي جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت سندس مظلومانه شهادت ۽ ڪردار جي مڃتا ۽ ظالم قاتلن کي اهو نياپو ڏنو آهي ته هڪ نصرالله نه بلڪه سنڌ جي هر گهر، هر برادريءَ ۾ لکين نصرالله موجود آهن، ڌاڙيل راڄ ۽ ظلم جي انڌيري رات سنڌ ۾ پ پ جي حڪمراني جي ڪري مسلط آهي، جماعت اسلامي جو هيءَ اعلى سطحي وفد قاتلن توڙي سندس سهولتڪارن کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ جي گھر ڪري ٿو. پيپلزپارٽي جي نااهل، ناڪام حڪومت آھي جنهن ضلع گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور کي ڌاڙيلن، قاتلن، قبيلائي جهيڙن۽ ظالم ڀوتارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو به ان ظلم ۽ بدبودار ڀوتارڪي نظام خلاف آواز اُٿاري ٿو ان کي شهيد نصرالله گڏاڻي وانگر گولين جو کاڄ بڻائي خاموش ڪرايو ٿو وڃي، پر ظالم حڪمران، سردار ۽ ڀوتار ياد رکن ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن هي ظالم پنهنجي انجام تائين پهچندا ۽ سنڌ جو عوام سُک جو ساهه کڻندي. جماعت اسلامي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اڄ اسان هتي وفد جي صورت ۾ شهيدِ سنڌ نصرالله گڏاڻي کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون جنهن سنڌ جي مزاحمتي ڪردارن ۾ پنهنجو نالو سونن اکرن سان لکرائي ڇڏيو آهي. ان شاالله شهيد جو رت ضرور انقلاب جي شروعات جو سبب بڻبو ۽ گهوٽڪي، ڪشمور سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان ۽ سڪون موٽي ايندو. شهيد نصرالله گڏاڻي جهڙا ڪردار مظلومن جي آواز، بهادري ۽ جُرت جي ڪري تاريخ ۾ اَمر ٿي ويندا آهن جڏهن ته ظالمن جو نالو وٺڻ وارو به ڪير ناهي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو