ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾سخت گرمي سان بجلي جي لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج وڌندو پيو وڃي، گذريل ڏينهن به ڪيترن ئي ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاج ڪيو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 12 کان 14 ڪالڪ لوڊشيدنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ لانڍي، ملير، شاهه فيصل ڪالوني، بلديا سائيٽ، اورنگي ٽائون ۽ ڪورنگي جا مختلف علائقا شامل آهن ٻئي پاسي يوسف ڳوٺ، صديق ڳوٺ، رنڇوڙ، لائنس ايريا، لياري، شانتي گلي، نانڪ واڙا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ به ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شهرين جو چوڻ آهي ته ڳرا بل ڀرڻ جي باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اسان کي ڪي اليڪٽرڪ جي عذاب کان نجات ڏياري وڃي.










