ويانا(ويب ڊيسڪ) انصاف جي عالمي عدالت اسرائيل کي رفح ۾ فوجي آپريشن بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.انصاف جي عالمي عدالت رفح ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عالمي عدالت انصاف 2-13 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو، درخواست تي عالمي عدالت انصاف جي جسٽس نواف سلام پڙهي ٻڌايو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج فوري طور تي غزه جي علائقي رفح ۾ فوجي آپريشن بند ڪري، غزه جي پٽي جا شهري انتهائي خوفناڪ حالتن ۾ مبتلا آهن.عدالت اسرائيل کي رفح بارڊر به فوري طور کولڻ جو حڪم ڏنو.عدالت چيو ته رفح ۾ فوجي آپريشن انتهائي افسوسناڪ انساني سانحو جو سبب بڻجي سگهي ٿو.انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل هڪ مهيني اندر غزه پٽي جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري.فيصلي ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويو ته بين الاقوامي تحقيقاتي ٽيم جي ميمبرن کي غزه جي پٽي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته رفح ۾ اسرائيلي ڪارروايون فلسطيني عوام لاءِ سنگين خطرو آهن.عدالت چيو آهي ته اسرائيل ڪيترن ئي هفتن جي شديد بمباري کانپوءِ رفح ۾ زميني آپريشن شروع ڪيو. اسرائيل غزه مان نڪرڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.عدالت چيو ته رفح ۾ لکين فلسطينين پناهه ورتي، رفح ۾ اسرائيلي زميني آپريشن سبب 8 لک فلسطيني بي گهر ٿيا.عدالت چيو ته عدالت جي اڳوڻي حڪمن کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي آهي، گڏيل قومن کي بار بار اسرائيلي آپريشن جي خطرن کان آگاهه ڪيو آهي، گڏيل قومن پاران بيان ڪيل خطرن کي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.درخواست جي ٻڌڻي دوران ڏکڻ آفريقا طرفان دليل ڏنا ويا ته رفح ۾ فوجي آپريشن غزه ۾ جاري فلسطينين جي نسل ڪشي جو آخري مرحلو آهي، دفاع جو حق رڳو نسل ڪشي ناهي، فلسطينين کي بچائڻو آهي. اضافي قدمن جي ضرورت آهي.ڏکڻ آفريڪا عدالت کي استدعا ڪئي ته اسرائيلي حملن کي روڪيو وڃي ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي.










