حملي ۾ زخمي ٿي ويل صحافي نصر الله علاج دوران فوت

حملي ۾ زخمي ٿي ويل صحافي نصر الله علاج دوران فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گهوٽڪي ۾ حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي نصرالله گڊاڻي ڪراچي ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو.ڪراچي جي خانگي اسپتال جي ذريعن صحافي نصرالله گڊاني جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.اسپتال ذريعن موجب نصرالله گڊاڻي کي 2 ڏينهن اڳ ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.خانداني ذريعن موجب مرحوم صحافي نصرالله گڊاڻي جي جنازي نماز ۽ تدفين اڄ مغرب جي نماز کانپوءِ مرحوم جي اباڻي علائقي ميرپور ماٿيلو ۾ ڪئي ويندي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڊاڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعليٰ سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت نصرالله جي زندگي بچائڻ لاءِ وڏا اپاءَ ورتا، پر اهو ئي الله کي منظور هو ،سنڌ حڪومت نصرالله کي رحيم يار خان کان ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو،اسان نصرالله، سندس خاندان ۽ ادارا جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون

پهنجو تبصرو موڪليو