ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ گرم موسم جون جي پهرين هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب مٿانهين سطح تي هوا جو دٻاءُ وڌڻ سبب ملڪ جا اڪثر علائقا گرمي جي لهر جي لپيٽ ۾ آهن.سردار سرفراز چيو ته گرمي جي شدت جون جي پهرين هفتي تائين برقرار رهي سگهي ٿي، مئي ۾ ڪراچي ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌڻ جو امڪان ناهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ شهر ۾ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو سنڌ ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.










