ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اسڪولن ۾ ٻارن جي منشيات جي ٽيسٽ ڪئي ويندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي منشيات جو عادي بڻايو پيو وڃي.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪلفٽن مان هڪ وڏي منشيات فروش کي گرفتار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته منشيات خلاف ڪو به اڪيلو جهاد نٿو ڪري سگهي، منشيات جي روڪٿام لاءِ آپريشن سنجيدگي سان جاري آهي.










