چيني چنڊ مشن ذريعي پاڪستان جو پهريون پي لوڊ روانو

چيني چنڊ مشن ذريعي پاڪستان جو پهريون پي لوڊ روانو

بيجنگ(ويب ديسڪ)پاڪستان تاريخي طور پهريون سيٽلائيٽ ’آءِ ڪيوب قمر‘ چنڊ تي روانو ڪيو آهي. ’آئي ڪيوب قمر‘ چين جي چنڊ مشن Chang’e-6  جو حصو آهي، ان مشن ۾ چين فرانس، اٽلي ۽ سويڊن جا به پي لوڊ شامل آهن. پاڪستاني پي لوڊ ۾ 2 ڪيمرا شامل آهن جيڪي چنڊ جون تصويرون ڪڍنديون. هي چيني مشن چنڊ جي اونداهي پاسي تي تحقيقات ڪندو ۽ واپسي تي 2 ڪلو مٽي به کڻي ايندو جنهن تي وڌيڪ تحقيق ٿيندي ته چنڊ جي اونداهي پاسي واري مٽي ۾ ڪهڙا منرل آهن. چيني مشن ۾ ڪيوبڪ شڪل جي هڪ ننڍڙي سيتلائيٽ شامل آهي. چيني مشن پاڪستاني وقت موجب 2 لڳي 27 منٽن تي چنڊ ڏانهن روانو ٿيو. چين جي هينان خلائي لانچنگ سائيٽ تان روانو ڪيل سيٽلائيٽ پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي ۽ شنگهائي يونيورسٽي پاران گڏيل طور تيار ڪيو ويو آهي.چينگ، چيني عقيدي موجب انهن جي گاڊيس آهي. 2022 ۾، چين جي قومي خلائي ايجنسي ايشيا-پئسفڪ اسپيس ڪارپوريشن آرگنائيزيشن (APSCO) ذريعي ميمبر ملڪن کي مفت ۾ چنڊ جي مدار تائين پهچڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪيو هو. ايپسڪو جي تجويز تي ميمبر ملڪن پنهنجا پلان موڪليا هئا، ايپسڪو جي ميمبر ملڪن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، چين، ايران، پيرو، ڏکڻ ڪوريا، ٿائيلينڊ ۽ ترڪي به خواهش ظاهر ڪئي هئي پر چين پاڪستان کي موقعو فراهم ڪيو. ياد رهي ته چين Chang’e-7 نالي مشن جيڪو 2026 ۾ چنڊ ڏانهن روانو ٿيندو ان تي روس، سوئٽزرلينڊ ۽ ٿائيلينڊ جو پي لوڊ شامل هوندو. ناسا تي آمريڪي قانون سبب  چين سان ڪنهن به قسم جي تعاون تي پابندي آهي. ناسا جو پنهنجو الڳ مشن آرٽميس پروگرام هيٺ 2026 ۾ چنڊ جي ڏاکڻي حصي تي لينڊ ڪندو ۽ 1972 کانپوءِ چنڊ ​​تي ڪنهن پهرين انسان جي لينڊنگ هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو