خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ۽ اسانجا گڏيل مفاد آهن

خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ۽ اسانجا گڏيل مفاد آهن

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته علائقائي سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جا گڏيل مفاد آهن. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ويدانت پٽيل بريفنگ ۾ چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا.ترجمان چيو ته علائقائي سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جا گڏيل مفاد آهن.آمريڪي شهري ۽ سک اڳواڻ گرپت سنگهه پنو جي قتل جي سازش جي رپورٽ تي ويدانت پٽيل چيو ته هو ڀارتي انڪوائري ڪميٽي جي ڪم جي نتيجن جي بنياد تي ڀارتي حڪومت کان جواب جي توقع ڪري ٿو. اسان انهن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اضافي اپڊيٽ لاء پڇي رهيا آهيون.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان پنهنجا خدشا سڌو سنئون ڀارتي حڪومت سان سينيئر سطح تي اٿاريندا رهنداسين.هن چيو ته سياسي معاملن بابت قائم مقام انڊر سيڪريٽري جان بس دوحه ۽ اسلام آباد جو دورو ڪندو، جتي هو قطر جي اعليٰ عملدارن ۽ ٻين سفارتي مشنز سان ملاقاتون ڪندو، جنهن ۾ افغانستان جي حمايت ۽ خطي ۾ گڏيل سيڪيورٽي مفادن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.ويدانت پٽيل چيو ته سياسي معاملن لاءِ قائم مقام انڊر سيڪريٽري اسلام آباد ۾ سينيئر پاڪستاني عملدارن سان ملاقات ڪندو ۽ علائقائي ۽ ٻه طرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو