قربانين سان حاصل ڪيل امن، برقرار رکڻ سڀني جي ذميواري آهي

قربانين سان حاصل ڪيل امن، برقرار رکڻ سڀني جي ذميواري آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته خطي کي غير مستحڪم ڪندڙ عنصرن کان هوشيار رهڻ گهرجي. آرمي چيف چيو ته قربانين ذريعي حاصل ڪيل امن جي حفاظت لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته وڏين قربانين ذريعي حاصل ڪيل امن کي برقرار رکڻ سڀني ڌرين جي ذميواري آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير اتر وزيرستان، ميرانشاهه ۽ اسپن وام ۾ جوانن سان عيد ملهائي ۽ فرنٽ لائينز تي موجود جوانن سان گڏ عيد جي نماز ادا ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جي آمد تي سندس آجيان ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب عيد جي نماز ۾ ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، آرمي چيف قوم جي خدمت لاءِ جذبي سان سرشار جوانن کي ساراهيو ۽ کين سرحد جي سڪيورٽي بابت کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آرمي چيف امن ۽ استحڪام لاءِ فوج جي ڪردار کي ساراهيو ۽ شهيدن جي قربانين کي ڀرپور خراج پيش ڪيو. ان کان علاوه آرمي چيف ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي قدمن کي به ساراهيو. آرمي چيف چيو ته وڏين قربانين سان حاصل ڪيل امن کي برقرار رکڻ سڀني جي ذميواري آهي، قوم جي خدمت لاءِ پيشه ورانه فرض سرانجام ڏيندا رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو