ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عيد الفطر جي موقعي تي سئنيما مالڪن فلم مداحن جي درخواست تي ٻه سال اڳ رليز ٿيل بلاڪ بسٽر فلم مولا جٽ سان گڏ هلندڙ سال فيبروري ۾ رليز ٿيندڙ فلم ٽڪسالي گيٽ کي ٻيهر رليز ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح عيد الفطر جي موقعي تي مهوش حيات ۽ علي رحمان جي نئين رومانوي ڪاميڊي فلم داغ باز دل سان گڏ رومانوي ڪاميڊي فلم ”هم تم اور واهه“ به سينما گهرن ۾ رليز ڪئي وئي. هڪ پنجابي فلم بابل وير به سڄي پاڪستان ۾ رليز ڪئي وئي پر اها فلم خاص طور تي پنجاب جي سينما گهرن ۾ ڏيکاري وئي هئي. عيدالفطر جي موقعي تي سڄي ملڪ جي سينما گهرن ۾ هالي ووڊ جون ڪيتريون ئي فلمون پڻ رليز ڪيون ويون آهن. عيد تي ٻيهر رليز ٿيندڙ ليجنڊ آف مولا جٽ ۽ ٽڪسالي گيٽ جا گهٽ شوز ٿيندا جڏهن ته مهوش حيات ۽ علي رحمان جي دغاباز دل جا وڌيڪ شوز آهن. اهڙي طرح آمنه الياس ۽ جنيد خان جي ٽيلي فلم ”هم تم اور وه“ به سينما گهرن ۾ فيچر فلم طور رليز ڪئي وئي آهي.










