ٽوبه ٽيڪ سنگهه (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ضلعي ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي تعلقي پير محل ۾ ٽريڪٽر ٽرالي اسڪول وين کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 شاگرد فوت ۽ استادن سميت 11 ٻار زخمي ٿي پيا. حادثو شورڪوٽ روڊ موٽر وي انٽرچينج جي سامهون تيز رفتاري سبب پيش آيو. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمي شاگردن کي موقعي تي طبي امداد ڏئي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










