هڪ ارب يورو بانڊز جي ادائيگي جا انتظام مڪمل

هڪ ارب يورو بانڊز جي ادائيگي جا انتظام مڪمل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)حڪومت 1 بلين يورو بانڊز جي ادائيگي جا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي اپريل جي وچ ۾ 10 سالن جا يورو بانڊ ادا ڪرڻا آهن، اسٽيٽ بئنڪ حڪومتي حڪم تي ئي يورو بانڊ ادا ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ادائيگي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ يورو بانڊز جو پاڪستان جو قرض گهٽجي 7 ارب ڊالر ٿي ويندو. پاڪستان ڊسمبر 2023ع ۾ يورو بانڊ جا 1 ارب ڊالر به ادا ڪري چڪو آهي، آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ سان پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 8 ارب ڊالر کان به وڌي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو