اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ئي ججن کي ’ڌمڪي‘ وارا خط وصول

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ئي ججن کي ’ڌمڪي‘ وارا خط وصول

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سميت 8 ججن کي شڪي خط مليا آهن. ذريعن موجب هڪ جج جي عملي جڏهن خط کوليو ته اندر پائوڊر هو. جنهن تي جاچ لاءِ اسلام آباد پوليس جي ماهرن جي ٽيم گهرائي وئي جيڪا جاچ ڪري پئي ته پائوڊر ڪهڙي قسم جو آهي. عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ خطري جو نشان به موجود آهن، ريشم نالي عورت پنهنجو پتو لکڻ کانسواءِ ئي خط ججن کي موڪلي ڇڏيو آهي. عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عملي جڏهن خط کوليو ته ان ۾ پائوڊر سبب اکيون جلڻ لڳيون. عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته استاف ميمبر فوري طور سينيٽائيزر استعمال ڪيو ۽ هٿ ڌوتا، خط جي متن تي لفظ اينٿراڪس به لکيل هو. واضح رهي ته اهو شڪي خط اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکي عدالتي معاملن ۾ انٽيليجنس ايجنسين جي مداخلت جو معاملو اٿاريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو