محرابپور(مجاهد سامٽيو) شھر جي چنا محلا ۾ شفيق چني جي گهر مان ڏيڍ لک جي چوري جي الزام هيٺ ٻارڙي عرفان عرف پپن چنو تي ٿيل مبينا تشدد جو ايس ايس پي نو شھرو فيروز ڊاڪٽر فاروق احمد نوٽيس وٺندي ٻارڙي کي تحويل ۾ وٺي سندن مٿان تشدد ڪندڙ مسعود چنو کي گرفتار ڪرائي ورتو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ محرابپور پوليس عرفان عرف پپن چنو کي چوري الزام ۾ پڪڙي گرفتار ڪيو هو جنهن دوران مسعود چنه ٻارڙي تي سخت تشدد ڪيو هو. سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ تي ايس ايس پي نوشهروفيروز نوٽيس وٺندي ٻارڙي تي تشدد ڪندڙ مسعود چنه کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










