ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ٽريڊنگ ۾ آمريڪي ڊالر ڪاروبار جي شروعات تي وڌيڪ قدر ۾ گھٽجي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا سستا ٿي 281 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 281 رپيا 28 پئسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 138 پوائنٽن جي واڌ سان 64 هزار 375 تي پهچي ويو.گذريل ڏينهن جي ڪاروبار جي اختتام تي انڊيڪس 64 هزار 237 پوائنٽس تي بند ٿيو.










