ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر اڄ انٽربينڪ ٽريڊنگ جي شروعات تي وڌيڪ قدر ۾ گھٽجي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 9 پئسا سستو ٿي 281 رپيا 80 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 281 رپيا 89 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 288 پوائنٽن جي واڌ سان 64 هزار 637 تي پهچي ويو.ڪالهه انڊيڪس 64 هزار 349 پوائنٽس تي بند ٿيو.










