ملڪ ۾ سون جو في تولو 900 رپيا گهٽتائي

ملڪ ۾ سون جو في تولو 900 رپيا گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي، سون جو في تولو 900 رپين جي گهٽتائي سان 2 لک 20 هزار ٿي ويو.سون جي 10 گرام جي قيمت ۾ 771 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ اها 1 لک 88 هزار 615 رپيا ٿي وئي.عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2 هزار 82 ڊالر في اونس تي پهچي ويو، چاندي جو اگهه 2 هزار 680 رپيا في اونس تي مستحڪم رهيو.واضح رهي ته مئي 2023ع ۾ سون جو في تولو 10 گرام اگهه 2 لک 40 هزار ۽ 2 لک 5 هزار 761 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو