ميلبرن ٽيسٽ، پاڪستان 194 رنسون ٺاهي ورتيون

ميلبرن ٽيسٽ، پاڪستان 194 رنسون ٺاهي ورتيون

ميلبرن (ويب ڊيسڪ)ميلبرن ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريليا جي 318 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي ۽ گرين ڪيپس 6 رانديگرن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات عبدالله شفيق ۽ امام الحق ڪئي پر امام الحق 10 رنسون ٺاهي ناٿن ليون جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، عبدالله شفيق 62 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.بابر اعظم به صرف هڪ رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي هٿان ڪلين بولڊ ٿي ويو، شان مسعود به 54 رنسن تي ناٿن ليون کي ڇڪا هڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته سعود شڪيل 9 رنسن جي اننگز کيڏي.سلمان علي آغا 5 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال تي وڪيٽ جي پويان ڪيچ ٿي ويو. جڏهن ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿي ته پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون هيون، محمد رضوان 29 ۽ عامر جمال 2 رنسون ٺاهي وڪيٽ تي موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو