پرٿ ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي وڏي بري شڪست

پرٿ ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي وڏي بري شڪست

پرٿ )ويب ڊيسڪ)پرٿ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن آسٽريليا پاڪستان کي 360 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.آسٽريليا اڄ پنهنجي ٻي اننگز 233 رنسن تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 450 رنسن جو هدف مليو ۽ پوري ٽيم 89 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.ٻي اننگز جي شروعات ۾ ۽ هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 2 رنسن تي ڪري پئي جڏهن عبدالله شفيق 2 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ قومي ٽيم جي ٻي وڪيٽ 17 رنسن تي ڪري پئي جڏهن شان مسعود جوش هيزل ووڊ جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ 19 رنسن تي ڪري پئي، هن ڀيري امام الحق 10 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو.پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ 48 رنسن تي ڪري پئي جڏهن بابر اعظم 14 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته پنجين وڪيٽ 56 رنسن تي ڪري پئي جڏهن سرفراز احمد 4 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو.قومي ٽيم جي ڇهين وڪيٽ 63 رنسن تي ڪري پئي جڏهن آغا سلمان 5 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو.پاڪستان جي ستين وڪيٽ 79 ۽ اٺين وڪيٽ 83 رنسن تي ڪري پئي. فهيم اشرف 5 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو ۽ عامر جمال 4 رنسون ٺاهي بولڊ ٿي ويا. ٻنهي بيٽسمينن کي آسٽريلوي اسپن بالر نيٿن لائين آئوٽ ڪيو.پاڪستان جي نائين وڪيٽ 89 رنسن تي ڪري پئي جڏهن سعود شڪيل 24 رنسن تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو.پاڪستان جي آخري وڪيٽ 89 رنسن تي ڪري پئي، خرم شهزاد صفر تي آئوٽ ٿي ويو.آسٽريليا جي آل رائونڊر مچل مارش کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.ان کان اڳ ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن ٻئين سيشن ۾ آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز 233 رنسن تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي ڊڪليئر ڪئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 450 رنسن جو هدف مليو.اڄ چوٿين ڏينهن آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز جي شروعات 2 وڪيٽن جي نقصان تي 84 رنسن سان ڪئي.آسٽريلوي بيٽسمين اسٽيون سمٿ 43 ۽ عثمان خواجه 34 رنسن سان ٻيهر راند شروع ڪئي ته فاسٽ بالر خرم شهزاد 87 رنسن تي پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ ورتي.خرم شهزاد 45 رنسن تي اسٽيون سمٿ کي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪري ڇڏيو.آسٽريليا جي چوٿين وڪيٽ 107 رنسن تي ڪري پئي جڏهن ٽريوس هيڊ 14 رنسون ٺاهي عامر جمال جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.آسٽريليا جي پنجين وڪيٽ 233 رنسن تي ڪري پئي جڏهن عثمان خواجه 90 رنسن تي شاهين آفريدي جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز ڊڪليئر ڪندي پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 450 رنسن جو هدف ڏنو. آسٽريلوي بيٽسمين مچل مارش ٻي اننگز ۾ 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ياد رهي ته آسٽريليا هن ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ 487 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن کانپوءِ پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 271 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.پاڪستاني ٽيم جي آئوٽ ٿيڻ بعد آسٽريليا 216 رنسن جي سرسي سان ٻي اننگز شروع ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو