چونڊن لاءِ پئسا نه ملڻ جو نوٽس،سيڪريٽري پاران فنڊ ڏيڻ جي خاطري

چونڊن لاءِ پئسا نه ملڻ جو نوٽس،سيڪريٽري پاران فنڊ ڏيڻ جي خاطري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن فيبروري 2024ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ فنڊ جاري نه ڪرڻ تي ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن بجيٽ ۾ عام چونڊن لاءِ مختص رقم جاري نه ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي. مالي سال جي بجيٽ ۾ عام چونڊن لاءِ 42 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت هن وقت تائين 10 ارب رپيا اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪري چڪي آهي، باقي رقم بنا ڪنهن جواز جي روڪي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي 8 فيبروري 2024 تي عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ فوري طور تي 17 ارب رپين جي ضرورت آهي.ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا به نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي رقم جي فراهمي بابت آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اڄ رقم جي فراهمي بابت وزيراعظم کي تفصيلي خط به لکيو پيو وڃي…. وفاقي ناڻي وزارت 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ گهربل فنڊز جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي،سيڪريٽري فنانس امداد الله اليڪشن ڪميشن اختيارين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اليڪشن جي تيارين ۽ فنڊز جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ ناڻي جي سيڪريٽري چيو ته اليڪشن ڪميشن فنڊز جي فراهمي لاءِ 14 نومبر تي خط لکيو، جيڪو ناڻي وزارت کي 18 نومبر تي مليو، فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ مختلف سطح تي منظوري ضروري آهي,هن چيو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل فنڊز جاري ڪيا ويندا، فنڊز جاري نه ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ناڻي کي طلب ڪيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو