اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارليامينٽرين جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته اڳوڻو چيئرمين پي ٽي آءِ ملڪ ۾ چونڊون نه صدارتي نظام چاهي ٿو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته پارٽي ۾ اڳ ۾ چار کان پنج چونڊون جعلي هيون، رڳو ڪاغذي ڪارروائي هئي، پارٽي ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي، ڌانڌليون نه ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته جڏهن حلف کڻون ٿا ته واعدو ڪريون ٿا ته ڪو به ڳجهو نه پڌرو ڪنداسين، اڳوڻو چيئرمين غداري ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، مٿس دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته جڏهن سندس حڪومت ختم ٿي ته اسان وٽ اڪثريت نه هئي، هن سوچيو هو ته ملڪ کي هلڻ نه ڏينداسين، جنهن سان ملڪي معيشت متاثر ٿي.پي ٽي آءِ پارلياماني سربراهه وڌيڪ چيو ته فوجي اڏن تي حملن لاءِ الڳ ٽيم ٺاهي وئي، ڪو به سياستدان اسيمبلي ٽوڙڻ جي حق ۾ ناهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ کي واضح ڪيو ته صوبائي اسيمبلي ٽوڙي نه وڃي، هو ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ برداشت نه ڪندو.










