ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران 18 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران 18 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي 18 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب ۾ پاڻي جي فراهمي جا منصوبا ان رقم سان مڪمل ڪيا ويندا.ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اعلان موجب پنجاب ۾ سالڊ ويسٽ منصوبن تي به ڪم ڪيو ويندو.ان کان علاوه گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا معاهدا ڪيا ويا.معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر، پاڪستان جي نگران وزيراعظم ۽ آرمي چيف شرڪت ڪئي.يو اي اي پاڪستان ۾ SIFC تحت مختلف شعبن ۾ 20 کان 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو