چونڊن ۾ دير ملڪي مفاد ۾ ناهي،اهو ٿيڻ نه ڏينداسين:جاويد لطيف

چونڊن ۾ دير ملڪي مفاد ۾ ناهي،اهو ٿيڻ نه ڏينداسين:جاويد لطيف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته اڄ ڪجهه سياستدان ۽ ڪجهه اينڪر اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اليڪشن ملتوي ٿي سگهي ٿي، اليڪشن ملتوي ٿيڻ ملڪي مفاد خلاف آهي، هو ائين ٿيڻ نه ڏيندا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته پاڪستان جو سياسي ۽ معاشي استحڪام نواز شريف جي انصاف جي فراهمي سان ڳنڍيل آهي.هن چيو ته جيترو جلد نواز شريف کي انصاف ملندو، اوترو ئي ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو، بيگناهه کي انصاف ناهي ملي رهيو ۽ ڏوهن کي برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته 190 ملين پائونڊ کائڻ وارن تي قانون نه پيو هلي، لاڊلي تي ڪير آڱر به نه اٿاري، پاڪستان ۾ انصاف ملندو؟

پهنجو تبصرو موڪليو