اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جي سربراهه طور سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ مختلف اڳواڻن کي مقرر ڪري ڇڏيو،پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ نيئر حسين بخاري، قمر زمان ڪائرا، فيصل ڪريم ڪنڊي، محمد علي شاهه باچا ۽ ساجد طوري مقرر ڪيا ويا آهن،آصف زرداري پاران سنڌ ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهين جو ٽاسڪ سعيد غني ۽ ناصر شاهه حوالي ڪيو ويو آهي،آصف زرداري بلوچستان ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهين جو ٽاسڪ چنگيز خان جمالي، روزي خان ڪاڪڙ ۽ صابر علي بلوچ کي سونپي ڇڏيو،آصف زرداري تازو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته مان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو سربراهه آهيان ۽ بلاول سميت سڀني کي چونڊن لاءِ ٽڪيٽس مان جاري ڪندس










