راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ميجر (ر) عادل فاروق راجا کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڪيپٽن (ر) حيدر رضا مهدي کي 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ٻن رٽائرڊ آفيسرن ميجر (ر) عادل فاروق راجا، ڪيپٽن (ر) حيدر رضا مهدي کي سزا ٻڌائي وئي.پاڪ فوج جي ٻنهي رٽائرڊ آفيسرن جو پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952 تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڪيو ويو.ٻن آفيسرن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ تي سزا ٻڌائي، سزا ۾ جاسوسي تي آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ 1923 جي شقن جي ڀڃڪڙي به شامل آهي، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ٻن رٽائرڊ آفيسرن تي رياست جي سلامتي ۽ مفاد خلاف ڪارروايون ڪرڻ جون دفعات شامل آهن. مجاز عدالت ٻنهي ڄڻن کي 7 ۽ 9 آڪٽوبر 2023 تي سزا ٻڌائي هئي، عدالت پنهنجي دائري اختيار موجب، قانوني طريقي سان فيصلو ڏنو ۽ انهن ماڻهن کي سزا ٻڌائي، سزا موجب 21 نومبر 2023ع تي ٻنهي آفيسرن جون رينڪون ضبط ڪيون ويون آهن










