پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ پيپلزپارٽي جي اهم وڪيٽ ڪري پئي آهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير مظفر سيد پيپلزپارٽي کي الوداع چوندي تحريڪ انصاف پارليامينٽيرين ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. هاڻي هڪ جلسو ڪيو ويندو جنهن ۾ هو باضابطا اعلان ڪندو. ملاقات ۾ پرويز خٽڪ ۽ ٻيا موجود هئا.










