چارسده(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته بهتر آهي نواز شريف جي وزارت عظميٰ جو نوٽيفڪيشن واچ ڊاگ وانگر جاري ڪيو وڃي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي کان اڳ اسد قيصر جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ طبي معائنو ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اسد قيصر کي ڳلي ۽ سيني ۾ معمولي درد آهي.بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اسد قيصر چيو ته چونڊن لاءِ پيدا ٿيل ماحول ڪنهن به صورت ۾ آزاد ۽ منصفانه ناهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته ان کي ڪير به تسليم نه ڪندو.هن چيو ته پي ٽي آءِ خلاف سمورا ظلم نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن نواز شريف کي وزيراعظم بڻائڻو آهي ته چونڊن جي ضرورت ناهي. اهڙين چونڊن کان بهتر آهي ته نگران وزيراعظم نواز شريف جي وزارت عظميٰ جو اعلان ڪيو وڃي.اسد قيصر چيو ته پارٽي جي قانوني ٽيم پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن واري معاملي کي ڏسي رهي آهي.










