اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته اسان جي حڪومت نجڪاري تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري پهرين ترجيح آهي. ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۾ سول ۽ فوجي اڳواڻ شامل آهن، سي جي ذريعي سيڙپڪاري پاليسي ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان کي ايندڙ هفتي سيڙپڪاري حوالي سان سٺيون خبرون ملنديون. هن چيو ته پاڪستان ۾ نه رڳو خطي کان پر ٻاهرين ملڪن مان به سيڙپڪاري آڻڻ چاهيون ٿا، پرڏيهي سيڙپڪار زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندا. نگران وزيراعظم چيو ته انساني وسيلن جي ترقي ۽ سڌارن تي ڪم جاري آهي، نوجوانن کي هنر سيکارڻ لاءِ مختلف تربيتي پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن.هڪ سوال جي جواب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري تي غور ڪري رهيا آهيون، نجڪاري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ۽ اسان جي پهرين ترجيح پي آءِ اي جي نجڪاري آهي.نگران وزيراعظم چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ مختلف منصوبا جوڙيا ويا آهن، جڏهن ته ڪوئيٽا تفتان ريلوي ٽريڪ کي به اپ گريڊ ڪيو ويندو.










