پراڻي قيادت گهر ويهي، نوجوان کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي

پراڻي قيادت گهر ويهي، نوجوان کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي ٻيون يا چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنائڻ کان بهتر آهي ته عوام مون کي هڪ ڀيرو موقعو ڏئي، مايوس نه ڪندس.ايبٽ آباد ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنونيشن کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي محروم طبقن جي پارٽي آهي هن پارٽي جو تعلق عوام سان 3 نسلن کان آهي. آصف زرداري پنهنجي دور ۾ جيڪي ڪم ڪيا اهي اوهان جي سامهون آهن. آصف زرداري خيبرپختونخواهه کي سڃاڻپ ڏني، بي آءِ ايس پي جي ذريعي عوام جي مدد ڪئي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ غربت رڪارڊ تي پهچي وئي آهي. سياستدان، بيورو ڪريسي ۽ حڪومت کي زميني حقيقتن جو اندازو نه آهي. غربت ۽ مهانگائي انتهائي تيزي سان وڌي رهي آهي. پراڻيون پارٽيون پراڻي سياست ۾ لڳل آهن. بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ ٻڌايو ويندو آهي ته هي اوهان جو وزيراعظم آهي. اسان کي جيڪڏهن مسئلن مان نڪرڻو آهي ته نئين سياست جي طرف وڌڻو پوندو ان لاءِ نوجوانن کي اڳيان اچڻو پوندو. هڪ نئين سياست ۽ هڪ نئين قيادت جي ضرورت آهي اڄ ۽ سڀاڻي جي مسئلن جو حل پيپلز پارٽي جي منشور ۾ آهي.بلاول ڀٽو چيو ته ڪنهن کي ٻيون يا چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنائڻ کان بهتر آهي ته اوهان مون کي موقعو ڏيو، عوام هڪ ڀيرو موقعو ڏئي، انشاءَالله مايوس نه ڪندس. پيپلز پارٽي جي مخالفت نواز ليگ يا پي ٽي آءِ سان نه آهي. اسان جي مخالفت مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سان آهي اسان کي سوچڻو پوندو ته ڇا 70 سالن جي عمر وارن ماڻهن جي هٿن ۾ حڪومت ڏئي ڇڏيون؟ ملڪي مسئلا حل ڪرڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ مشڪل نه آهي. بس نيت صحيح هجڻ گهرجي. هڪ نظريو ۽ هڪ منشور هجڻ لازمي آهي.پ پ چيئرمين چيو ته اسان وٽ مهانگائي کي روڪڻ ۽ غربت کي ختم ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن جي لاءِ سمورين پارٽين کي اسان سان گڏ ملي هلڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو