ڀارت جو ٽاس کٽي نيڌرليند خلاف بيٽنگ جو فيصلو

ڀارت جو ٽاس کٽي نيڌرليند خلاف بيٽنگ جو فيصلو

بنگلورو (ويب ڊيسڪ)ورلڊ ڪپ جي 45هين ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ بنگلورو ۾ کيڏي پئي وڃي ۽ ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل کان اڳ آخري ميچ آهي. ٻنهي ٽيمن پهرين مرحلي ۾ 8 8 ميچون کيڏيون آهن، ڀارت هن وقت تائين هڪ به ميچ نه هارائي آهي جڏهن ته نيڌرليند پنهنجي 2 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پوائنٽس ٽيبل ۾ ڀارت پهرين پوزيشن تي آهي ۽ نيڌرليند ڏهين (آخري) پوزيشن تي آهي. واضح رهي ته ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو