پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي جي منظوري کانپوءِ جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه کي ڪي پي جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي..خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت لاءِ سي ايم هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ اڪرم دراني شرڪت ڪئي.ملاقات کان اڳ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڪرم دراني چيو ته نگران وڏي وزير جي نالي جو فيصلو اڄ ڪندس، محمود خان کي قائل ڪندس، منهنجي ڳالهه کي ڪير به رد نه ڪندو. اڪرم دراني چيو ته اعظم خان جو نالو ان ڪري پيش ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته هو ايماندار ماڻهو هو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل مشاورت جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي پي جي نگران وڏي وزير لاءِ جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي.ذريعن موجب اڳوڻي اپوزيشن ليڊر اڪرم دراني پاران رٽائرڊ جسٽس ارشد حسين شاهه جو نالو تجويز ڪيو ويو، جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو ذريعن موجب رٽائرڊ جسٽس ارشد حسين شاهه جو نالو منظوري لاءِ گورنر خيبرپختونخواهه ڏانهن اماڻيو ويو آهي.جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه کي خيبرپختونخواهه جو نئون نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، خيبرپختونخواهه جي گورنر سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه جو تعلق ايبٽ آباد سان آهي، هو چيف جسٽس سپريم اپيلٽ ڪورٽ گلگت بلتستان رهي چڪو آهي ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينا جو به حصو هو.










