ورلڊ ڪپ: افغانستان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ورلڊ ڪپ: افغانستان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

پوني (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ جي 30هين ميچ ۾ افغانستان سريلنڪا کي آساني سان 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان فتح سان افغانستان جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل ۾ پنجين نمبر تي اچي وئي آهي. افغانستان سريلنڪا پاران ڏنل 242 رنسن جو هدف 46 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. واضح رهي ته ايونٽ ۾ افغانستان جي اها مسلسل ٽين فتح آهي ۽ هن ٽي ڀيرا گذريل عالمي چيمپيئن ٽيمن کي شڪست ڏني هئي. پوني ۾ کيڏيل ايونٽ جي هن اهم ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي سريلنڪا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. سريلنڪا جي اوپننگ بيٽسمين پاٿم نسانڪا ۽ ديموٿ ڪرونارتني اننگز جي شروعات ڪئي پر اوپننگ جوڙو پنهنجي ٽيم کي افغانستان جي بالرن خلاف سٺي شروعات نه ڏياري سگهي. سريلنڪا جي پهرين وڪيٽ 22 رنسن تي ديموٿ ڪرونارتني جي صورت ۾ گري، هو 15 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته ٻي وڪيٽ 82 رنسن تي ڪري پئي جڏهن پاٿم نسانڪا 46 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. افغانستان خلاف سريلنڪا جي ٽئين وڪيٽ 134 رنسن تي ڪري پئي، سريلنڪن ڪپتان ڪوشل مينڊس 39 رنسن تي مجيب الرحمان جي هٿان ڪيچ ٿي ويو. سريلنڪا جو اسڪور 139 تائين پهتو جڏهن مجيب 36 رنسن تي سديرا سماراواڪرما کي ايل بي ڊبليو ڪيو. راشد خان سريلنڪا کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن هن 167 جي مجموعي اسڪور تي دھننجيا ڊي سلوا کي ڪلين بال ڪري ڇڏيو. ڊي سلوا 14 رنسن جي اننگز کيڏي. سريلنڪا جون وڪيٽون گرڻ جو سلسلو جاري رهيو پر اجيلو ميٿيوز 25 ۽ مهيش ٿڪسينا 29 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي ٽيم کي 240 جي مجموعي اسڪور تائين پهچايو جيستائين ٽيم آل آئوٽ ٿي وئي. افغانستان طرفان فضل حق فاروقي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان طرفان مجيب الرحمان 2 جڏهن ته عظمت الله عمرزئي ۽ راشد خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. هدف جو تعاقب ڪندي رحمان الله گربز صفر تي پويلين موٽيو ۽ دلشان مدھوشنڪا جي هٿان آئوٽ ٿي ويو. ان کانپوءِ افغان بيٽسمينن ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ سريلنڪن بيٽسمينن کي بيوس بڻائي ڇڏيو. ٻئين وڪيٽ تي ابراهيم زدران ۽ رحمت شاهه وچ ۾ 78 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي، جڏهن ته ٽئين وڪيٽ تي رحمت شاهد ۽ ڪپتان حشمت الله شاهدي وچ ۾ 58 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي. ابراهيم زدران 39 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، هو به مدھوشنڪا جي هٿان آئوٽ ٿيو، جڏهن ته حشمت الله شاهدي 62 رنسون ٺاهي ڪاسن راجيٿا جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته چوٿين وڪيٽ تي حشمت الله شاهدي ۽ عظمت الله عمرزئي وچ ۾ 111 رنسن جي ناقابل شڪست پارٽنرشپ افغانستان کي ايونٽ ۾ ٽين ڪاميابي ڏياري.

پهنجو تبصرو موڪليو