سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي

سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪالهه گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ کانپوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڇنڇر 21 آڪٽوبر تي سون جي في تولو قيمت ۾ 150 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سون جي في تولي قيمت 2 لک 8 هزار 350 ٿي وئي.ان کان علاوه سون جي 10 گرام جي قيمت ۾ 129 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ قيمت 1 لک 78 هزار 626 رپيا ٿي وئي آهي. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 7 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ اهڙي ريت سون جي قيمت 1992 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو