مصر جي سرمايه دارن جو ريڪوڊڪ ۾ سرمايه ڪاري جو جائزو

مصر جي سرمايه دارن جو ريڪوڊڪ ۾ سرمايه ڪاري جو جائزو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مصري سيڙپڪار نجيب سوارس ريڪوڊڪ منصوبي ۾ 7 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو جائزو ورتو آهي.آمريڪي ميگزين بلومبرگ جو چوڻ آهي ته نجيب سوارز مصر جي اربين سيڙپڪارن مان هڪ آهي.بلومبرگ چيو ته ريڪوڊڪ وٽ هر سال 200,000 ٽن ٽامي ۽ 250,000 اونس سون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي، ريڪوڊڪ 50 سالن تائين اها پيداوار پيدا ڪري سگهي ٿي.آمريڪي جرنل جو چوڻ آهي ته هن وقت ريڪوڊڪ پاڪستان ۽ بين الاقوامي ڪمپني بارڪ جو گڏيل منصوبو آهي.ٻئي طرف نجيب سوارز جو چوڻ آهي ته مان پاڪستان ۾ 25 سال گذاري چڪو آهيان، پاڪستان سان گڏ رهڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو