ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)حڪومتي قدمن سبب آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، اڄ به ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪن ۾ ڊالر سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ هڪ رپيو 5 پئسا گهٽتائي کانپوءِ ڊالر 288 رپيا 75 پئسا ٿي ويو. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 289 رپيا 80 پيسا تي بند ٿيو. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 1 رپيا 290 رپيا مهانگو ٿي ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات منفي هئي جيڪا بعد ۾ مثبت ٿي وئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 71 پوائنٽس وڌي 46349 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 46 هزار 277 پوائنٽس تي بند ٿيو.










