ڪوئيٽا۾  اي اين ايف جي ڪارروائي، 2 ٽن منشيات هٿ

ڪوئيٽا۾ اي اين ايف جي ڪارروائي، 2 ٽن منشيات هٿ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ڪوئيٽا ۾ منشيات فروشن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي آهي.ڪوئيٽا مينگل آباد ويجهو ويسٽرن بائي پاس تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ٽرڪ مان 2 ٽن کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪئي وئي، 4 منشيات اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو.2,330 ڪلوگرام چرس ٽرڪ تي لڳل سيمينٽ ميڪسچر مشين ۾ ٺهيل ڳجهن دٻين ۾ لڪايو ويو.ڪارروائي دوران ٽرڪ سان گڏ هڪ ننڍي گاڏي به هٿ ڪئي وئي، گاڏي ۾ سوار 2 شڪي ماڻهو ٽرڪ کي سهولتڪار بڻائي رستي کي ڪليئر ڪري رهيا هئا.ڪارروائي دوران هڪ ڪار ۽ ٽرڪ ۾ سوار 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن جو تعلق قلعه عبدالله، ڪوئيٽا ۽ چمن سان آهي.جوابدار چمن ذريعي ڪوئيٽا کان سنڌ اندر منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.گرفتار جوابدار خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جوابدارن کان گينگ جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو