ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش

ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪرنسي ۽ تيل کانپوءِ کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي رپورٽ به وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب پاڪستان مان کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي سمگلنگ جا تفصيل رپورٽ جو حصو آهن.جڏهن ته رپورٽ ۾ ڪڻڪ، ڀاڻ، ڪمند سمگلر ۽ سرڪاري آفيسرن جا تفصيل به شامل آهن.ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ ملوث 592 گودامن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 26 اسمگلر ڪڻڪ اسمگلنگ ۾ ملوث آهن.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گذريل سال آءِ بي لاڳاپيل کاتن کي 417 رپورٽون موڪليون، حساس اداري جي نشاندهي تي 90147 ميٽرڪ ٽن ذخيرو ۽ اسمگل ٿيل ڪڻڪ ضبط ڪئي وئي.ذريعن موجب رپورٽ ۾ 259 اهلڪارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي اسمگلرز جي مدد ڪن ٿا، صوبائي حڪومتن ۾ مقرر آفيسر اسمگلرن، ذخيره اندوزن کي مدد فراهم ڪندا آهن.رپورٽ موجب پنجاب ۾ 272، سنڌ ۾ 244 ۽ ڪي پي ڪي ۾ 56 سرڪاري آفيسر اسمگلرن جا مددگار آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ 15 ۽ اسلام آباد ۾ 5 اهلڪار اسمگلرن جا ساٿي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو