اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جي وفد ملاقات ڪئي. ميڊيا سيل جي يو آءِ پاڪستان موجب مهاجرن جي وفد مولانا فضل الرحمان کي پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪيو.مولانا فضل الرحمان وفد کي هر قسم جي تعاون ۽ مسئلن جي حل جو يقين ڏياريو.










