اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هو انهن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿو جن ملڪ جي دفاع لاءِ جانون قربان ڪيون.يوم دفاع ۽ شهيدن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو ته ملڪ جي بهادر پٽن دشمن سان بي خوفي سان وڙهندي تاريخ جو روشن باب رقم ڪيو.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اڄ پاڪستان انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ پرڏيهي جارحيت جهڙن سڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته ملڪ جي سالميت ۽ ترقي خلاف ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ قوم پنهنجي بهادر قوتن سان گڏ بيٺي آهي.نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو محنت ۽ لگن سان پاڪستان کي هر قسم جي سيڪيورٽي ۽ معاشي چئلينجن کان بچائيندو.هن اهو به چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو ڊگهو تڪرار خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، عالمي برادري کي اڳتي وڌي ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.










