پاڪستان هر جارحيت کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو: نقوي

پاڪستان هر جارحيت کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو: نقوي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي اهو ڏينهن آهي جنهن تي پاڪ فوج دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر تي پاڪ فوج مادر وطن جو دفاع ڪيو، هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن پاڪ فوج جي جوانن بي مثال بهادري سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.هن چيو ته ان ڏينهن سڄي دنيا ڏٺو ته پاڪ فوج جي جوانن بي مثال بهادري سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو