اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ توانائي معاملن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران توانائي واري وزير محمد علي ۽ توانائي واري وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين پاران بجلي جي بلن سميت ريٽائرڊ قرضن جي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ قدمن بابت به ٻڌايو ويو.اجلاس ۾ وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن.اجلاس ۾ وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خساري ۾ ٿيندڙ ڊسڪوز تي به بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي نگران وزيراعظم بحالي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن.










