پهريون ڀيرو جج پوليس کي چيو ته ملزم کي گهر ڇڏي اچو: تارڙ

پهريون ڀيرو جج پوليس کي چيو ته ملزم کي گهر ڇڏي اچو: تارڙ

اسلام آباد(بيورورپورٽ)ن ليگ اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي جا وڪيل دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هو پوليس اهلڪارن کي سزائون ڏياري رهندا.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته وڪيل دعويٰ ڪري رهيا آهن ته سندن ڳالهه پوري ٿي وئي، عدالت نوٽيس وٺي توهين عدالت جي پوليس اهلڪارن کي سزا ڏئي.هن چيو ته اربين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ هي شخص هميشه اهو چوندو رهيو ته مون عدالتن کي گندو ڪيو آهي.هاڻي جيڪڏهن سندن وڪيل وقت کان اڳ چئي رهيا آهن ته سڀاڻي جج پوليس آفيسرن کي سزا ٻڌائيندو ته اهو نظام تي وڏو سواليه نشان آهي ته ڪرپشن جو پئسو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ 2300 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي.ن ليگ اڳواڻ وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته پرويز الاهي جي وڪيلن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه تي اتفاق ٿيو؟ اربين رپين جي ڦرلٽ کي آزاد ڪرڻ لاءِ توهين عدالت جو معاملو اڪلايو ويو.هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪنهن جج پوليس کي چيو ته گهر ڇڏي وڃو ۽ اچو، هي تاريخي ڪرپشن تي تاريخي رليف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو