پاڪستان ۾ بجلي جي قيمت ۾ لڳاتار واڌ ڇو ٿي ٿئي؟

پاڪستان ۾ بجلي جي قيمت ۾ لڳاتار واڌ ڇو ٿي ٿئي؟

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نيپرا جي 2022 واري رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن لاسز جو ڪاٿو 22298 گيگا واٽ في ڪلاڪ لڳايو ويوآهي جنهن جي ماليت 520 ارب 30 ڪروڙ روپيا ٻڌائي وئي آهي. ياد رهي ته هن ڊيٽا ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ جا لائين لاسز شامل نه آهن. مٿي ڄاڻايل ڊيٽا موجب في گيگاواٽ في ڪلاڪ جي حساب سان ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 33 لک 33 هزار 831 روپين جا لائين لاسز ٿين ٿا، جن ۾ بجلي جي چوري به شامل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن لائينون پراڻيون هجڻ، جديد اوزار استعمال نه ڪرڻ، انهن کي اپ گريڊ نه ڪرڻ سبب ايڏي وڏي پيماني تي لاسز ٿين ٿا. پاڪستان ۾ 2022 ۾ ڪل بجلي 43775 ميگا واٽ پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي. جيڪا 2021 ۾ 39772 ميگا واٽ هئي. پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي مان 23045 ميگا واٽ سرڪاري بجلي گهرن مان اچي ٿي جڏهن ته نجي بجلي گهرن جي پيداوار 20730 ميگا واٽ آهي. پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ذريعا هائيڊل يعني پاڻي، سولر، فرنيس آئل، گيس، ڪوئلو، هوا ۽ جوهري بجلي گهر آهن. پاڪستان ۾ گرمين جي فُل پِيڪ سيزن ۾ کپت 28000 ميگا واٽ آهي. پيپلز پارٽي ۽مسلم ليگ (ن) جي دورن ۾ نجي بجلي گهرن سان جيڪي معاهدا ڪيا ويا انهن مطابق کين ادائگي ڊالر ۾ ڪرڻ ۽ بجلي جي لاڳت پيداوار بدران گنجائش مطابق ڪرڻ جي سهولت ڏني وئي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته مثال طور ڪنهن نجي بجلي گهر جي بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش 100 ميگا واٽ آهي پر هن جي پيداوار 50 ميگا واٽ آهي پر حڪومت ان کي ڊالرن ۾ ادائگي 100 ميگا واٽ جي ڪرڻ جي پابند آهي. ڊالر جي قيمت مسلسل وڌڻ، تيل، ايل اين جي ۽ آر ايل اين جي قيمتن ۾ اضافي، لائين لاسز تي ڪنٽرول نه ڪرڻ سبب بجلي جي لاڳت ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ ان جي ڪاسٽ حڪومت عوام کان وصول ڪري ٿي. حڪومت هاءِ وولٽيج ٽرانسميشن لائينون وڇائي، ڊسٽريبيوشن جو نظام بهتر ڪري ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن جي استعمال سان لاسز گهٽ ڪري سگهي ٿي پر اها سندن ترجيح ۾ شامل ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو