اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن جي ملاقات کانپوءِ اٽڪ جيل ٻاهران آيل بيان اين آر او جي گهرج آهي، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڳالهائڻ چاهي ٿو.هڪ بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته واضح ٿي ويو آهي ته چيئرمين پي ٽي اين آر او چاهي ٿو ۽ ان لاءِ پيغام ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته هاڻي سمجهه ۾ ايندو ته بشرا بي بي دوست ملڪ جي اهم شخصيت سان ملاقات ڇو ڪئي، هاڻي سمجهه ۾ ايندو ته بشرا بي بي مختلف ماڻهن سان ڊيلن لاءِ ڇو ملاقاتون ڪندي رهي.حافظ حمدالله چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ طاهر اشرفي چيو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ويجهو هڪ شخص دوست ملڪن سان به رابطا ڪيا، اهو شخص ضرور صدر عارف علوي ٿي سگهي ٿو.هنن اهو به چيو ته عارف علوي پنهنجي عهدي جو غلط استعمال ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.










