ڪنهن کي به ماڻهن جا بجلي جا ميٽر ڪٽڻ نه ڏينداسين

ڪنهن کي به ماڻهن جا بجلي جا ميٽر ڪٽڻ نه ڏينداسين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به ماڻهن جا بجلي جا ميٽر ڪڍڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان کي خبر آهي ته ميٽر ريڊر ڪنهن وڏي شخص جي در تي نه ويندا.جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته جماعت اسلامي ملڪ جي غريبن جو دفاع ڪندي، جنهن جو به ميٽر هٽايو ويو آهي اسان کي ٻڌايو وڃي، حڪومت بلن ذريعي ڦرلٽ ڪري رهي آهي، بجلي جي بلن ۾ اضافو، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن جي هڙتال حڪومت کي پيغام ڏنو آهي ته عوام گذريل حڪومتن جا معاهدا قبول نه ٿا ڪن.سراج الحق بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف پرامن هڙتال تي عوام، واپاري برادري، وڪيلن، عالمن ۽ ٽرانسپورٽرن جا ٿورائتا آهيون.هن چيو ته اشرافيه انهن معاهدن جو فائدو ورتو، عوام کي نقصان پهچايو، انهن مصنوعي معاهدن ذريعي قوم کي اونداهين ۾ ڌڪيو ويو.سراج الحق چيو ته انهن معاهدن جا تفصيل کڻي سپريم ڪورٽ وينداسين، رپورٽون آهن ته حڪومت بجلي 90 رپيا في يونٽ ڪرڻ چاهي ٿي.هن پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته افسوس جوڳو آهي ته نگران وزيراعظم بجلي جي بلن ۾ واڌ ۽ مهانگائي کي نان ايشو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته غير قانوني بجلي خريد ڪرڻ حڪومت جو ڏوهه آهي، عوام ان جي سزا ڇو ڀوڳي رهيو آهي، ملڪ مان حڪومت جو ڪنٽرول ختم ٿي ويو آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته معيشت جون سموريون بريفنگون ناڪام ٿي چڪيون آهن، اسان آءِ پي پيز جا معاهدا نه ٿا مڃون ۽ رد ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو