پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ چونڊون ڪرائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.اهڙو اظهار پشاور مان جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن.بئريسٽر سيف جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آرٽيڪل 51 ۾ تڪ بندين جي گنجائش ناهي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو جواز بي بنياد آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي غير آئيني اجلاس جي پويان لڪڻ کان پاسو ڪري.










