اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)بجلي جي بلن خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ صبح کان ئي احتجاج شروع ٿي ويا.پنجاب صوبي جي خوشاب ڊويزن ۾ انجمن تاجران ۽ شهرين جو مظاهرو، حافظ آباد ۾ واپارين مين بازار کان فوارا چوڪ تائين ريلي ڪڍي، وهاري ۾ سبزي منڊي جي ڪارڪنن به مظاهرو ڪيو.اهڙي طرح ملتان شهر ۾ بجلي جي بلن خلاف چوٿين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، ان سلسلي ۾ عارف والا بار ايسوسي ايشن اڄ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي.تاج چوڪ فتح پور ۽ چوڪ اعظم ۾ بجلي جي اوور بلنگ خلاف شهرين احتجاج ڪيو، واپاري برادري، سول سوسائٽي ۽ عام شهرين احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي.چيچہ وطني بار به بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف مڪمل هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.بهاولنگر ۾ بجلي جي اضافي بلن خلاف وڪيلن ۽ شهرين پاران منچن آباد چوڪ تي احتجاج جاري آهي.ٻئي طرف سنڌ صوبي جي حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن ۾ شٽر ڊائون هڙتال آهي، مارڪيٽ ٽاور، سيرگھاٽ، شاهي بازار، اناج منڊي، مسان روڊ ۽ پرنس روڊ تي دڪان بند رهيا.










