اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ايف بي آر ٽيڪس چوري جي وڏي اسڪيم جو انڪشاف ڪري ڇڏيو ٽيڪس چوري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪسٽم کاتي جي ٽن آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو. ايف بي آر موجب ڪسٽم ڊپارٽمينٽ جي انهن ٽنهي آفيسرن ٽيڪس چوري ۾ سهولت فراهم ڪري خزاني کي 7 ارب رپين جو نقصان پهچايو. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اسپيشل فيڪٽ فائنڊنگ انڪوائري ۾ ٽنهي آفيسرن کي ڏوهه ثابت ڪيو ويو، جنهن بعد کين برطرف ڪيو ويو.دستاويزن موجب ٽنهي ڪسٽم آفيسر قيمتي واچون، موبائيل فون، کاسمیٹڪس ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ ۾ ملوث مليا.هنن 20-2019ع ۾ خيرات جي نالي تي 81 غير قانوني سامان جا اعلان ڪيا، جن مان 80 سامان جي ڊيڪليئريشن کي ڪليئر ڪيو ويو پر صرف هڪ کي پڪڙيو ويو.










